بال کان بچائڻ

بال کان بچائڻ (راند): ٻارن جي هن راند ۾ هڪ وڏي گول جي ليڪي تي تقريباً چاليهن کان پنجاهه رانديگر تيار بيٺا هوندا آهن. گول جي وچ ۾ ريفري بال ۾ ڏور ٻڌل راند شروع ڪرڻ لاءِ بيٺو هوندو آهي. جيئن سيٽي وڄندي ريفري ڏور ذريعي بال کي رانديگر جي پير هيٺان تيز ڦيرائيندو. رانديگر ان بال لڳڻ کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي جاءِ تي ٻڌا ٽپا ڏيڻ شروع ڪندا، جيڪڏهن بال ڪنهن رانديگر کي لڳو ته اهو خارج ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح واري واري سان رانديگر کاپندا نڪرندا ويندا، تان جو آخر ۾ ٽي ڄڻا بچندا ۽ انهن ۾ کاپڻ جي حساب سان پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ايندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو